ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان  ملهائي پئي وڃي،ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن  جي مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيد نماز جا ميڙاڪا ٿيا

ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان  ملهائي پئي وڃي،ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن  جي مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيد نماز جا ميڙاڪا ٿيا

اڄ سموري ملڪ ۾ مسلمان برادري عيدالفطر ملهائي رهي آهي.ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ نماز ادا ڪئي وئي

ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ، ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي آزادي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون

پاڙيسري ملڪ ڀارت سان گڏ آسٽريليا، ملائيشيا، ٿائي لينڊ، بنگلاديش، مصر، اردن، لبنان، مراڪش،عمان، فلسطين، شام ، ازبڪستان، ترڪمانستان، بوسينا، نارٿ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ مسلمان به عيدالفطر جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن.

ملڪ اندر عيد جي موقعي تي سلامتي جا خاص بندوبست ڪيا ويا ۽ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار  وڏي انگ ۾مقرر ڪيا ويا

ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مسلمان برادري عيد ملهائي، ان موقعي تي سمورن مسلمان فردن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي  عيد جون مبارڪون  ڏنيون

ان موقعي  تي عورتن ۽ ننڍن ٻارن هٿن تي ميندي لائي ۽ ٻارن خاص پوشاڪ پائي خوشي جي لمحن کي انجواءِ ڪيو

عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ  خاص ڪري سموري رات بيوٽي پالرز تي به رش رهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*