پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان سونامي سونامي ڪري ملڪ جي عوام کي مهانگائي جي سونامي جَي ور چاڙهي ڇڏيو آهي

پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان سونامي سونامي ڪري ملڪ جي عوام کي مهانگائي جي سونامي جَي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، نئين پاڪستان ۾ عوام جي عيد ڪهڙي نموني ٿي، اها سڀني ڏسي ورتي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مدرسه منزل گاهه ۾ عيد نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي سندس پُٽ ايم پي اي فرق شاهه ۽ ڀائيٽو صوبائي وزير سيد اويس شاهه سميت خاندان جا ٻيا ماڻهو به شامل هئا

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عيد جون ڏينهن خوشين جو تهوار آهي، ملڪي مسئلن تي عيد کانپوءِڳالهيون ٿينديون

خورشيد شاهه چيو ته هن عيد جَي موقعي تي مهانگائي عروج تي آهي، بازارون ويران آهن، دڪاندار به چون ٿا ته 20 کان 30 سالن دوران اهڙيون حالتون ناهن ڏٺيون

پيپلزپارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان سونامي سونامي ڪندو هو، اها تباهي جي نشاني هوندي آهي، اڄ ملڪ مهانگائي جي سونامي ۾ آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*