اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف  جيل اندر قيدين سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف  جيل اندر قيدين سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي.ان موقعي تي سلامتي جا خاص انتظام ڪيا ويا.ٻئي طرف ن ليگ جي ڪارڪنن وري ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران خيما لڳائي نماز ادا ڪئي، نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي عيد انهن ماڻهن جي نالي ڪري ٿو، جيڪي مهانگائي جي عذاب ۾ پيڙهجي رهيا آهن.

ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  جيل مان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منهنجي عيد انهن ماڻهن جي نالي، جيڪي پريشاني جي زندگي گذاري رهيا آهن

عيد الفطر تي جيل مان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي وزير اعظم چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾پاڪستان لاءِ دعائون ڪيون ويون.الله تعاليٰ پاڪستان کي پنهنجي منزل ۽ مقصود  تائين پهچائي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*