ميئر ڪراچي وسيم اختر وفاق کان ڪراچي پئڪيجز تي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ماڻهو آهي پر سندس هٿ پير ٻڌل آهن

ميئر ڪراچي وسيم اختر وفاق کان ڪراچي پئڪيجز تي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ماڻهو آهي پر سندس هٿ پير ٻڌل آهن

ڪراچي ۾ عيد نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين ۽ حڪومت جي مدد ڪنداسين، اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته قائد اعظم جي اصولن تي هلڻو آهي

هن ڪراچي بلديه جي ملازمن کي عيد جون پگهارون نه ملڻ تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته ملازمن کي عيد جي موقعي تي وقت تي پگهار ڏيڻ گهرجي ها، ملازمن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، اهي سڀ خراب حڪمراني جو نتيجو آهي.

وسيم اختر چيو ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي جون ڏکيائيون وڌي ويون آهن، وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ماڻهو آهي پر سندس هٿ پير ٻڌل آهن

وسيم اختر چيو ته 3-3 ڀيرا حڪومت ڪئي آهي، پر پاڻي نٿو ملي، صفائي سٿرائي جو نظام به ناهي، وفاقي پنهنجي پئڪيجز تي عملدرآمد ڪرائي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*