وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مريم نواز کي پنهنجي والد سان ملاقات جي اجازت ملڻ گهرجي

 

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مريم نواز کي پنهنجي والد سان ملاقات جي اجازت ملڻ گهرجي، عيد کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ڀان سيد آباد ويجهو واهڙ ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مريم نواز کي نواز شريف سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي ڪافي حيراني ٿي آهي، اهڙو عمل ته مارشل لا جي دور ۾ به ناهي ٿيو، قيدين کي پنهنجي وارثن سان ملڻ جي اجازت هئڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي فنڊن مان تمام گهڻي ڪٽوتي ڪئي آهي، گذريل مهيني به هڪ سئو 70 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا، دعا ٿو ڪريان ته وفاقي حڪومت روينيو ڪليڪشن ۾ ڪامياب ٿئي، پر ائين ٿيندو نظر نه اچي رهيو آهي..

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي، عوام وفاقي حڪومت جي عذاب ۾ آهي، وفاقي حڪومت غريب ماڻهن کي اڃان به وڌيڪ غريب ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.

حڪومت خلاف تحريڪ بابت سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته عيد کان پوءِ جلد آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ٿيندي، اي پي سي ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو

پوليس قانون بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس ايڪٽ تي سنڌ جي گورنر جو اعتراض آئيني حق آهي، اسان ٻيهر اسيمبلي ۽ ڪابينه سان رابطو ڪنداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*