رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ ايڇ آءِ وي جا ڌڙا ڌڙ ڪيسز ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ ايڇ آءِ وي جا ڌڙا ڌڙ ڪيسز ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، تعلقي اسپتال ۾ لڳايل اسڪريننگ ڪيمپ تي اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙي کي ايڇ آءِ وي پازيٽو هئڻ جي تصديق ٿي آهي

عيد جي هڪ ڏينهن جي موڪل کانپوءِ رتوديرو جي تعلقي اسپتال ۾ لڳايل ڪيمپ تي اسڪريننگ وارو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي

ڊبليو ايڇ او ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول اٿارٽي جي سهڪار سان لڳايل اسڪريننگ ڪيمپ تي اڄ وڌيڪ 10 ڄڻن جي رت ٽيسٽ ڪئي وئي

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام موجب وڌيڪ هڪ ٻارڙي ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي، جڏهن ته 9 ڄڻن جي ٽيسٽ نيگيٽوِ آئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*