پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 10 جون کان حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 73 جي آئين تي هر طرف کان حملا ٿي رهيا آهن

پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 10 جون کان حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 73 جي آئين تي هر طرف کان حملا ٿي رهيا آهن پر جيالا شهيد ڀٽو جي ڏنل آئين جو هر صورت ۾ دفاع ڪندا.

نوابشاهه ۾ بلاول ڀٽو زرداري پيپلز سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو، جنهن دوران هو پارٽي اڳواڻن ۽ جيالن سان عيد مليو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومت غريب دشمن آهن، ايمنسٽي اسڪيم اميرن کي نوازڻ لاءِ آندي وئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي، 10 جون کان حڪومت خلاف عوامي رابطه مهم جي شروعات ڪئي ويندي

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي 73 جي آئين جو تحفو ڏنو ۽ شهادت ماڻي پر اڄ ملڪ ۾ هر طرف کان آئين تي حملا ٿي رهيا آهن

پيپلزپارٽي چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو به 30 سالن تائين آئين جي حفاظت ڪئي، جيالا هر صورت ۾ آئين جو دفاع ڪندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*