دادو ۾ مختلف پاڙن جي رهواسين بجلي بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو آهي

دادو ۾ مختلف پاڙن جي رهواسين بجلي بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو آهي، جڏهن ته مظاهرين حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ويندڙ روڊ به بلاڪ ڪري ڇڏيو

دادو واسي عيد ڏهاڙن ۾ به بجلي کان محروم آهن، شھر جي ڇاڻو شاهه آباد پاڙي،ٿهيم ڪالوني ۽ ٻٻر محلا سميت شھر ۾ سڙي ويل  10 ٽرانسفارمر  تبديل نه ڪرڻ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف مرد توڙي عورتون روڊن تي نڪري آيا.

مڇريل مظاهرين بس اسٽاپ ۽ ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته مظاهرين حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ويندڙ ٽريفڪ به بند ڪري ڇڏي آھي

ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته سيپڪو جي ناقص ڪارڪردگي سبب عيد جي موقعي تي بجلي بند آهي ۽ دادو سخت گرميءَ ۾ عذاب جي زندگي ڀوڳڻ تي مجبور آھن

 هنن چيو ته بجلي بند هئڻ سبب ننڍ سڪون تباهه آھي، گهرن پاڻي ناهي ۽ بيماريون پکڙجي ويون آهن، جيڪڏهن بجلي بحال نه ٿي ته ڌرڻو جاري رکيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*