ن ليگ ترجمان چيو ته عمران صاحب، نوازشريف صاحب کي والدهه ۽ نياڻي سان توهان جي حڪم تي ملڻ نه ڏنو ويو

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران نوازشريف کي والدهه ۽ ڌيءَ سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نوازشريف سان ڇنڇر تي هفتيوار ملاقات  جي اجازت به نه ڏني وئي.

ن ليگ ترجمان چيو ته عمران صاحب، نوازشريف صاحب کي والدهه ۽ نياڻي سان توهان جي حڪم تي ملڻ نه ڏنو ويو

هن چيو ته خودپسندي ۽ انا پرستي جي محور مان توهان ڪڏهن به نڪري نه سگهيا

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب توهان سياست ۾ انتقام، ڇڙواڳي  ۽ نفرت جو بنياد رکيو

ن ليگ ترجمان چيو ته نواز شريف کي عيد تي به گهر وارن سان ملڻ نه ڏيڻ عمران خان جي انتقامي سياست جي انتها آهي

هن چيو ته عمران صاحب عيد تي نوازشريف کي نه ملڻ ڏيڻ سان توهان کي دلي سڪون ملي رهيو هوندو

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف بيمار آهي ۽ ان جي نياڻي ۽ معالج کي ملڻ نه پيو ڏنو وڃي

هن چيو ته عمران صاحب توهان جا 50 ترجمان صرف نوازشريف جي صحت تي سياست ڪري رهيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*