بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر

بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب ايف سي اهلڪار عيد تي سڪيورٽي لاءِ گشت ڪري رهيا هئا ته دهشتگردن حملو ڪيو.

هڪ پاسي قوم عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي ته ٻئي پاسي سڪيورٽي ڏيندڙ جوان پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾امن قائم ڪرڻ ۾ رڌل آهن

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن

پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي اهلڪار عيد تي سڪيورٽي لاءِ گشت ڪري رهيا هئا ته دهشتگردن فائرنگ ڪئي

ترجمان موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ اهلڪار يار محمد ۽ مهتاب خان شهيد ٿي ويا، واقعي بعد سڪيورٽي فورسز پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي

آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوان يار محمد جو تعلق سبي جي علائقي ڪڇ ۽ مهتاب خان جو تعلق لڪي مروت سان آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*