لاڙڪاڻي ۾ عيد جي ٻئين ڏينهن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن

لاڙڪاڻي ۾ عيد جي ٻئين ڏينهن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن، صفائي نه ٿيڻ سبب شهر جو رائل روڊ، پاڪستاني چوڪ، گرلس ڪاليج روڊ، مڇي مارڪيٽ چوڪ، جيلس بازار روڊ ۽ بندر روڊ سميت ٻيا علائقا گندگيءَ جي ور چڙهيل آهن.

لاڙڪاڻي ۾ عيد توڙي عيد جي ٻئين ڏينهن تي شهر ۾صفائي نه ٿيڻ سبب هر هنڌ گندگي جا ڍير نظر اچي رهيا آهن، جنهن سبب شهري تمام گهڻو پريشان آهن

شهرين موجب لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر اسلم شيخ جي دور ۾ به صفائي وارو نظام درهم برهم هو، ڪيترائي ڀيرا شهرين، واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳيان ميڊيا پاران واضع ڪيو ويو ته شهر جي صفائي نه پئي ٿئي پر ان باوجود هن وقت تائين لاڙڪاڻي شهر جي حالت صفائي جي حوالي سان خراب آهي

 ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر اسلم شيخ استعفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ميئر جي چارج ڊپٽي ميئر انور علي نواز لهر کي ڏني وئي آهي، جنهن کي به ڪيترائي ڏينهن ڪرسي سنڀالي گذري ويا آهن پر ان باوجود شهر جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شهر اندر صفائي واري مامري تي جواب ڏيندي چيو ته  شهر اندر صفائي نه ٿيڻ جا ذميوار چونڊيل نمائندا آهن.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*