ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته   عيد جي آخري ڏينهن  به عمران خان نوازشريف  کي سندس والدهه ۽ ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته   عيد جي آخري ڏينهن  به عمران خان نوازشريف  کي سندس والدهه ۽ ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو،هن جو چوڻ هو ته نوازشريف کي  پنهنجن گهر وارن سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ  عمران خان جي نااهلي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان  توهان جي عيد مڪمل ٿي وئي، پر نوازشريف پنهنجن گهر ڀاتين سان ملي نه سگهيو.نوازشريف انڪري جيل  ۾آهي ڇاڪاڻ ته توهان ووٽ چور نالائق، نااهل ۽ ڪوڙا آهيو.

هن چيو ته عمران خان توهان نوازشريف کان پنهنجي نالائقي ۽ نااهليءَ جو بدلو وٺي رهياآهيو

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف کي گهروارن سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ سان  مهانگائي ٽي ڀيرا  گهٽ نه ٿيندي

هن چيو ته عمران خان ياد رک ظلم جڏهن حد کان وڌي وڃي ته مٽجي ويندو آهي

ن ليگ جي ترجمان چيو ته نوازشريف کربين رپين جا پروجيڪٽ لڳايا، هن تي هڪ رپئي جي ڪرپشن جو الزام نه لڳي سگهيو

ترجمان چيو ته نوازشريف انڪري جيل ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته توهان مهانگائي کي ٽي ڀيرا گهٽائي نٿا سگهو،هو انڪري جيل ۾ آهي ته  ڇاڪاڻ ته توهان يارهن هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي نٿا سگهو

هن چيو ته نوازشريف انڪري جيل ۾ آهي ڇاڪاڻ  ته توهان کي ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*