عدالت محسن داوڙ  کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري سينٽرل جيل پشاور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

بنون جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ ۽ اتروزير ستان مان قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ جو وڌيڪ ريمانڊ ڏيڻ جي سي ٽي ڊي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت محسن داوڙ  کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري سينٽرل جيل پشاور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت هن کي 19 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ کي پهريان اٺن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪيو ويو هو

ياد رهي ته محسن داوڙ جي خلاف 26 مئي تي اتروزيرستان جي خڙ ڪمر ۾ سيڪيورٽي جي چوڪي تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪيس ۾ محسن داوڙ کانسواءِ ڏکڻ وزيرستان مان چونڊيل قومي اسيمبلي جو ميمبر علي وزير ۽ ست ٻيس جوابدار به نامزد آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*