لاڙڪاڻي ۾سانگي برادري جـِي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هٿياربندن جـِي موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ جَي نتيجي ۾  چاچي ۽ ڀائيٽي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻي ۾سانگي برادري جـِي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هٿياربندن جـِي موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ جَي نتيجي ۾  چاچي ۽ ڀائيٽي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، علائقي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ سبب پوليس ۽ رينجرز گشت وڌائي ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻي جي چنا ڳوٺ جا رهواسي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري  ڏني

فائرنگ جي نتيجي ۾ اياز سانگي ۽ سندس ڀائيٽو سجاد سانگي مارجي ويا، جڏهن ته 21 ورهين جو واٽهڙ حفيظ الله گاد  به حياتي وڃائي ويٺو

مارجي ويلن جا لاش ڪجهه دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته سانگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي

پوليس موجب واقعي بعد مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گهرن تي ڪاهه ڪري هڪ اوطاق، ٻن گهرن ۽ ڪجهه گاڏين کي پڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي

3 ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، وڌيڪ رتوڇاڻ جي خدشي سبب حيدري ٿاڻي جي پوليس ۽ رينجرز علائقي ۾ گشت وڌائي ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*