پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو پر هن حقارت جو مظاهرو ڪيو

پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو پر هن حقارت جو مظاهرو ڪيو ۽ اهڙو تاثر ڏنو ته ڄڻ اين آر او گهري رهيا هجون

فيصل آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عمران قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون، جو سڏ ڏنو هو، پر حڪومت اسان جي سهڪار کي غلط سمجهو ۽ اين آر او وٺڻ جو الزام هنيو.

هن چيو ته اسان ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهريو ٿي ۽  اسان شروع کان ئي حڪومت ڪمزور ڪرڻ نٿي گهريو

قمر زمان ڪائرا چيو ته هاڻ حڪمران سمجهن ٿا ته آصف زرداري کي بدنام ڪنداسين ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي،ماضي ۾ حڪمرانن سمجهو پئي ته ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏينداسين ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي.

پ پ اڳواڻ چيو ته سڀني کي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ  گهرجي

هڪ سوال جي جواب ۾ قمر زمان ڪائرا چيو ته شهباز شريف ڏيهه واپس وري رهيو آهي،هو مخالف ڌر کي ليڊ ڪندو

هن چيو ته حڪمرانن پهريان محسن داوڙ کي هيرو بڻايو، هاڻ ان تي پرڏيهي ايجنسين کان فنڊ وٺڻ جو الزام مڙهي رهيا آهن ۽ هن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري رهيا آهن

هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن محسن داوڙ  جي خلاف ڪي الزام آهن ته عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي

هن چيو ته عمران خان ڪي پي ۾ سيٽون وڌائڻ لاءِ محسن داوڙ جو بل منظور ڪيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*