سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ رتو ديرو پهتل ڊبليو ايڇ او ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ وارو عمل جاري آهي

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ رتو ديرو پهتل ڊبليو ايڇ او ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ وارو عمل جاري آهي،اڄ وڌيڪ ٽن ٻارڙي کي ايڇ آءِ وي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنيوا کان پھتل عالمي ماھرن انڪشاف ڪيو آهي ته سڀ کان وڏو چئلنج دوائن جو آهي، اسٽاڪ ۾ موجود دوائن سان رڳو 240 ٻارن جو علاج ٿي سگهي ٿو.

رتو ديرو پهتل ڊبليو ايڇ او ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ دوران وڌيڪ ٽن ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

جنيوا کان پھتل عالمي ماھرن انڪشاف ڪيو آهي ته سڀ کان وڏو چئلنج دوائن جو آهي، اسٽاڪ ۾ موجود دوائن سان رڳو 240 ٻارن جو علاج ٿي سگهي ٿو

ماهرن جي ٽيم انڪشاف ڪيو آهي ته رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو 751 مريضن مان رڳو 324 جو علاج ٿي سگهيو، 57 سيڪڙو مريض علاج کان محروم بڻيل آهن

ماهرن جو چوڻ آهي ته جن مان 231 مريضن کي دوا ملي، هن وقت رڳو 9 ٻارڙن جي علاج لاءِ دوا موجود آهي، 15 جولاءِ کانپوءِ ڪنهن به ٻار لاءِ اي آر وي ڊوز ڏيڻ لاءِ دوا نه هوندي

ڊبليو ايڇ او پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ھن وقت تائين رتوديرو جي بلڊ اسڪريننگ ڪيمپ تي 26041 ماڻھن جي بلڊ اسڪريننگ ڪيي وئي هي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪريننگ دوران 751 پازيٽو آيا آھن، جن ۾ 604 ٻارڙا ۽ 135 وڏا آھن

ڊبليو ايڇ او جي ٽيم ھيڊڪوارٽر کي اماڻيل شروعاتي رپورٽ ۾  ڄاڻايو آھي تھ معياري ڪٽس نه هئڻ ڪري علاج ۽ تشخيص به ڊبليو ايڇ جي معيار موجب ناهي، ڊبليو ايڇ  او صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 5 لک ڪٽس فراهم ڪيون آهن.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*