چڪ لڳ پوليس تي حملي جا ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ داخل ٿيل پوليس مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ ڪئي آهي

چڪ لڳ پوليس تي حملي جا ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ داخل ٿيل پوليس مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ ڪئي آهي، پوليس ڏوهان سان مقابلو ڪرڻ بدران واپس رواني، ڊي ايس پي لکي غلام شاهه جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ پاڻي هجڻ سبب مقابلو ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، ڏوهارين جي فائرنگ سان ڪوبه نقصان ناهي ٿيو.

چڪ لڳ پوليس تي حملي جا ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس بڪتر بند گاڏين سميت ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ته هٿيار بندن پوليس مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ ڪئي

ڊي ايس پي لکي عبدالمجيد پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪيو پيووڃي ، پاڻي هئڻ ڪري ڏوهارين سان مقابلي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن

واضح رهي ته چڪ لڳ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ڪارروائي دوران هٿيار بندن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي هئي،جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ شهيد ٿيا هئا ۽ چار اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*