قوم ناپاڪ سازشن  جي خلاف متحد ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي، وزير اعظم عمران خان

صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم انهن ناپاڪ سازشن جي خلاف متحد آهي.فوجي جوانن جي بهادري ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.هنن چيو ته ڪجهه دشمن  قبائلي علائقن جي غيرتمند عوام کي ورغلائي رهيا آهن،رياست انهن ڌرين کي امن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت ڏئي نٿي سگهي.

صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جا ٽي آفيسر ۽ هڪ جوان  جي شهادت تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي.

صدر ۽ وزير اعظم جو چوڻ هو ته شرپسند قبائلي علائقن جي امن جي بحالي جا دشمن آهن، قوم انهن ناپاڪ سازشن  جي خلاف متحد ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته فوجي جوانن جي بهادري ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.خاڙ ڪمر ۾ بارودي سرنگهه ڌماڪي ۾ جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو افسوس آهي.هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت  ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*