پاڪ فوج جا جوان  پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ ۽ قوم کي امن ڏئي رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اتروزيرستان  جي خار ڪمر  ڌماڪي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيد قوم جا هيرو آهن، اسان کي انهن تي فخر آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو صدمو پهتو.

هن چيو ته پاڪ جا جوان  پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ ۽ قوم کي امن ڏئي رهيا آهن.

بلاول چيو ته الله تعاليٰ شهيدن  جا درجا بلند ڪري ۽ زخمين کي صحتياب عطا ڪري.

ٻئي طرف بلاول جي ترجمان  سينيٽر مصطفيٰ کوکر  چيو آهي ته آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت پوري قوم جو گڏيل ڏک آهي.

هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون بي مثال آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*