فردوس عاشق اعواڻ اتروزيرستان واقعي جو ذميدار محسن داوڙ ۽ علي وزير  کي قرار ڏئي ڇڏيو

وزير اعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ اتروزيرستان واقعي جو ذميدار ايم اين اي محسن داوڙ ۽ علي وزير  کي قرار ڏئي ڇڏيو.

اتروزيرستان جي واقعي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته هي هڪ مائينڊ سيٽ هو، جن دهشتگردن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي،جٿا ٺاهي اسان جي فورسز تي حملا ڪيا،انهن دهشتگردن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ واقعي ۾ دهشتگردن کي بچايو نه وڃي ها ته  هي افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ها.

خاص معاون ،مخالف   کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڄ مخالف ڌر جا نادان دوست ڪٿي آهن ۽ اهي ڪهڙو جواب ڏيندا،هي واقعو پيش آيو جنهن ۾ قوم جي هيروز کي دهشتگردي جو نشانو بڻيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*