بلوچستان جي شهر زيارت ۾ زيرو پوائنٽ ويجهو گاڏي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا

بلوچستان جي شهر زيارت ۾ زيرو پوائنٽ ويجهو گاڏي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ڪراچي موڪليو ويو.

زيارت کان 20 ڪلوميٽر  پري پڪنڪ پوائنٽ کلواري بابا جتي ماڻهو سياحت لاءِ ويندا آهن،اتي هڪ گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٽي قيمتي جانيون ضايع ٿيون.

ريسڪيو ادارن  فوري طور  واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي زيارت جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر زيارت ۽ مڪاني پوليس  عملدارن جو چوڻ آهي ته شروعاتي شاهدين مان لڳي ٿو ته ڌماڪو سي اين جي سلينڊر ڦاٽڻ  سبب ٿيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن مطابق فوتين ۽ زخمي ٿيندڙن جو واسطو ڪراچي سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*