لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو ڪيس 9 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو ڪيس 9 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ اداڪار عزيز سانگي کي مک جوابدار ظاهر ڪيو ويو، فريادي موقف اختيار ڪيو  آهي ته 5 لک رپيا ڀتو نه ڏيڻ تان جوابدارن حملو ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن عاقل روڊ تي فائرنگ ڪري الهڏنوعرف اياز، سجاد سانگي ۽واٽهڙو حفيظ الله گاد کي قتل ڪرڻ جو ڪيس حيدري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

فريادي عزيز سانگي طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي صدرعزيز سانگي سميت 9 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو.

فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 5 لک رپيا ڀتو نه ڏيڻ تان جوابدارن فائرنگ ڪري الهڏنوعرف اياز،سجاد سانگي ۽ حفيظ الله گاد کي قتل ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ آر جي متن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اڳ به 2 لک رپيا ڀتو وٺي چڪا هئا.

ٽن ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ ٻي ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*