دادو ۾ پوليس تيل چوري ڪندڙ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري تيل  سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري ورتو

دادو ۾ پوليس تيل چوري ڪندڙ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري تيل  سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بااثر ڌر ڪيس لئي مٽي ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

دادو ويجهو دوداڻي شاخ وٽ زير زمين لائين ۾ ڪلپون لڳائي پارڪو جو تيل چوري ڪرائيندڙ هوٽل مالڪ ، دڪاندار ۽ ڪرائيدار سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب مخدوم بلاول ۾ ڇاپو هڻي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ تيل سان ڀريل ٽينڪر به هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو پارڪو جي تيل واري لائين ۾ ڪلپون لڳائي تيل چوري ڪندا هئا.

هوڏانهن بااثر جوابدار ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته ڪيس به داخل ناهي ٿي سگهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*