پوليس 13 ورهين جي نينگري سان مبينا طور اجتماعي زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري  ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس 13 ورهين جي نينگري سان مبينا طور اجتماعي زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري  ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

شگرملز گرائونڊ تان گذريل ڏينهن بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل 13 ورهين جي نينگري سان زيادتي جو ڪيس پوليس ٻن جوابدارن خلاف داخل ڪري ڇڏيو.

ناري جي والد جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن رجب ۽ روشن شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جڏهن ته زيادتي جو نشانو بڻيل  نينگري کي طبي امداد لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار نينگري کي نشو ڏئي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گرائونڊ ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار ٽالپر چيو آهي ته، نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن رجب ۽ روشن شيخ کي تڪڙي ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو آهي.

هن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته متاثر نينگري جو سول اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ ميديڪل ٽيسٽ ۽ ڊي اين اي لاءِ سيمپل ورتا ويا، وڌيڪ ٽيسٽ لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*