سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آصف سعيد کوسا برطانيه روانو ٿي ويو

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آصف سعيد کوسا برطانيه روانو ٿي ويو آهي، سينيئر جج، جسٽس گلزار احمد وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري جي تقريب ٿي، جنهن ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان  انور منصور، سپريم ڪورٽ جَي ججز ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ جسٽس مُشير عالم،سينيئر جج جسٽس گلزار احمد کي سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻايو.

چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيمبرج يونيورسٽي جي 2 سئو سالا تقريب ۾ شرڪت لاءِ برطانيه ويل  آهي.

سندس واپسي تائين جسٽس گلزار احمد وقتي چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائيندو.

جسٽس آصف سعيد کوسا پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس آهي، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*