نوشهرو فيروز ويجهو زال ۽ مڙس خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

نوشهرو فيروز ويجهو مڙس کان ڪاوڙيل ناري پاران گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات، اطلاع ملڻ تي مڙس به وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

 مورو جي ڳوٺ ڌيرڻ ۾ ناري طاري زال بابو ڪولھي گھر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

 زال جي آپگهات جي خبر پوڻ تي مڙس بابو وڻ ۾ رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

وارثن موجب زال ۽ مڙس ۾ رات جو معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿيو هو، جنهن بعد صبح جو پھرين زال ۽ پوءِ  مڙس خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*