سنڌ حڪومت ايڊز ڦهلايو، مان ريلوي جو نيٽ ورڪ ڦهلائي رهيو آهيان، شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف وڪيٽ جي ٻنهي طرفن جي سياست ڪري رهيو آهي، نوازشريف ۽ شهباز شريف جي سياست الڳ آهي،شهباز شريف نوازشريف لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي.

لاهور ۾ ريلوي جي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد  چيو ته سنڌ حڪومت ايڊز ڦهلايو، مان ريلوي جو نيٽ ورڪ ڦهلائي رهيوآهيان.

هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر نوازشريف ۽ آصف زرداري اقتدار ۾ اچي نٿا سگهن.

شيخ رشيد اعتراف ڪيو ته شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بنائڻ اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي.

هن چيو ته عمران خان جي خلاف سمورا ڦورو گڏ ٿي ويا آهن،مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو ڊي آءِ خان ۾ پنهنجي زمين جي سار سنڀال لهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته  مان اسد عمر کي وزير ڏسي رهيو آهيان، مون عيد تي  اسد عمر جي گهر مٺائي موڪلي هئي، پر خبر پئي ته اتي خزاني جو صلاحڪار حفيظ شيخ رهي رهيو آهي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر وٽ احتجاج لاءِ شفاف چهرا ناهن،مون کي هاڻ خبر پئي ته چيني سبسڊي ٺي ويا، وزير اعظم سان ان معاملي تي ڳالهائيندس.

هن چيو ته گذريل ويهن سالن کان  يونيورسٽين مان ڪوبه شاگرد اڳواڻ نه نڪتو آهي.

هن واضح ڪيو ته وزير اعظم عمران خان جي پلس پوائنٽ هي آهي ته هن جا سمورا مخالف چور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*