ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عوامي نيشنل پارٽي جي سڏ تي ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عوامي نيشنل پارٽي جي سڏ تي ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اي اين پي جي سربراهه  اسفند يار ولي مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  عمران خان هاڻ يوٽرن خان بڻجي ويو آهي، وزير اعظم جي ڀيڻين جي  اربين رپين جي اثاثن تي نيب خاموش آهي.

پشاور ۽ چارسده ۾ مظاهرن کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته نيب چيئرمين کي فون اسڪينڊل ذريعي سوڙهو ڪيو ويو آهي

هن چيو ته ڪپتان جي حڪومت مختصر مدي دوران ريڪارڊ قرض ورتو آهي

هن چيو ته عمران خان جي ڪابينا ۾ زرداري ۽ مشرف جي ڪابينا جا وزير شامل آهن

اسفند يار ولي چيو ته سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ به گذريل حڪومتن جو حصو رهي آهي

هن چيو ته حڪومت پهريان فواد چوڌري ۽ هاڻ آنٽي فردوس کي قوم تي مڙهي ڇڏيو آهي

هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي

اي اين پي جي سربراهه چيو ته فون اسڪينڊل ذريعي نيب کي خاموش ڪيو ويو

هن چيو ته حڪومت قبائلي علائقن جي عوام سان جيڪي وعدا ڪيا هئا،انهن کان منهن موڙي ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*