سنڌ سميت ملڪ جي ميداني علائقن ۾ گرمي ڪانوَ جي اک ڪڍڻ لڳي

summer heat wave in the city

سنڌ سميت ملڪ جي ميداني علائقن ۾ گرمي ڪانوَ جي اک ڪڍڻ لڳي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو  ۾ 47، سکر ۽ خيرپور ۾ گرمي پد 46 سينٽي گريڊ ، ميرپور خاص  46، حيدرآباد ۽ بدين 44۽ نوابشاهه ۾ 46 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ گرمي پد 33 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ قهر جي گرمي جو راڄ برقرار آهي

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ۽ دادو ۾ گرمي پد 47سينٽي گريڊ، سکر ۽ خيرپور ۾ گرمي پد 46 سينٽي گريڊ ٿي ويو آهي، جڏهن ته ميرپور خاص 46، حيدرآباد، بدين 44 ۽ نوابشاهه 46 سينٽي گريڊ رڪارڊ، ڪراچي ۾ گرمي پد 33 سينٽي گريڊ آهي، پر سامونڊي هوائن جي گهٽجڻ ڪري محسوس 40 سينٽي گريڊ جهڙي ٿي رهي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي 20 جون تائين گرمي جي لپيٽ ۾ رهندو ۽ ان کانپوءِ پارو گهٽجي ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*