ڌاٻيجي ويجهو زمين ۾ پوريل 2 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش ھٿ ڪيا ويا، پوليس هٿ ڪيل لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

ڌاٻيجي ويجهو زمين ۾ پوريل 2 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش ھٿ ڪيا ويا، پوليس هٿ ڪيل لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ بعد لاش سمنڊ ڪناري آڻي مٿن تيزاب هاري زمين ۾ پوريو ويو،ٻنهي کي ڏاڙهيون رکيل ۽ اڇي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن.

ڳوٺ قبول بلوچ ڀرسان سمنڊ ڪناري ڳوٺاڻن ٻن ڄڻن جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو

اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي لاش کڻائي گهارو جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڏاڙهيون رکيل ۽ اڇي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن

ان حوالي سان ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اندازو آهي ته ٻنهي ڄڻن جو تعلق پٺاڻ برادري سان آهي

ٻنهي کي ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش ٻن ويگو ٽائيپ وڏين گاڏين ذريعي سمنڊ ڪناري پهچايا ويا

سمنڊ ڪناري زمين ۾ پوريل لاشن مٿان ڪيميڪل پڻ هاريو ويو هو، جنهن جو مقصد ڪيميڪل سان لاش ساڙڻ آهي، ته جيئن  اهي سڃاڻپ لائق نه رهن

ايس ايس پي شبير سيٺار وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد اڳڀرائي ٿيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*