شڪارپور پوليس چڪ ويجهو شھيد ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ داخل ٿي وئي

شڪارپور پوليس چڪ ويجهو شھيد ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ داخل ٿي وئي، چار بڪتربند گاڏيون ۽ 20 موبائلون اسلام پتڻ تي پهچايون ويون آهن

چڪ لڳ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن

شھيد ٿيل ايس ايڇ او لکي غلام مرتضٰي ميراڻي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار علي پنهور جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور پوليس ڪچي ۾ داخل ٿي وئي آهي

ان حوالي سان ڍنڍ مان رستو ٺاھڻ لاءِ پائيپ وڌا پيا وڃن، جڏهن ته چار بڪتربند گاڏيون ۽ 20 موبائلون اسلام پتن تي پهتل آهن ۽ مورچا قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

ڊي ايس پي لکي عبدالمجيد پٺاڻ، سي آءِ اي انچارج عبدالقادر چانڊيو، ايس ايڇ او چڪ ۽ ٻيا موجود آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*