پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت نئين مالي جي بجيٽ 11 جون تي پيش ڪندي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت نئين مالي جي بجيٽ 11 جون تي پيش ڪندي، سڌ سماءَ واري خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بجيٽ تحريڪ انصاف جي منشور جي عڪاسي ڪندي، بجيٽ حوالي سان غلط رپورٽ پڌري ڪئي وئي، خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته بجيٽ ۾ معيشت جي حوالي سان روڊ ميپ پيش ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي، وزير اعظم هن بجيٽ جو ڪيترائي ڀيرا جائزو ورتو آهي.

سڌ سماءَ بابت خاص معاون چيو ته شهيد اهلڪار قوم جو اثاثو آهن، قبائلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تمام گهڻيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهشتگردي کان محفوظ بڻايو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي پهرين بجيٽ 11جون تي پيش ڪندي

خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل جاري آهي، پاڪستان جي ڪريل اڪنامي ڪنهن کان لڪيل ناهي

شهزاد اڪبر چيو ته پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي اثاثن بابت برطانيه سان ايم او يو تي صحيح ڪئي وئي آهي، جنهن به اثاثا ڊڪليئر ناهن ڪرايا اهي 30 جون تائين ڪرائين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*