اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سکر ايئرپورٽ کان خصوصي فلائيٽ ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويو

 

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سکر ايئرپورٽ کان خصوصي فلائيٽ ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويو، جتي هو سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾عبوري ضمانت ۾واڌ لاءِ پيش ٿيندو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عيد نوابشاهه ۾ ملهائڻ کانپوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزارن تي حاضري به ڀري

آصف زرداري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ دعائون گهريون

 ان موقعي تي اڳوڻي صدر سان ڊاڪٽر قيوم سومرو، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان روڊ رستي سکر ايئرپورٽ پهتو، جتان هو خصوصي اڏام ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*