خانپور ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ لنگهه معاملي تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا

خانپور ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ لنگهه معاملي تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙو ٽارڻ جي ڪوشش دوران اهلڪارن کي به ڌڪ لڳا.

ڳوٺ کنڊو بروهي ۾ لنگهه معاملي تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين پاران لٺين، سروٽن ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.

جهيڙي جي نتيجي ۾12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، اُتي به ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران وڌيڪ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد اسپتال انتظاميه پوليس کي طلب ڪيو، اهلڪارن پهچي جهيڙيندڙ ڌرين کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهلڪارن کي به ڌڪا لڳا، جنهن بعد پوليس ٻنهي ڌرين جي 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

زخمين ۾ مھناز، علي محمد، رحيم خان، حاجران، صابران، جنت خاتون ۽ لال بيبي سميت ٻنهي ڌرين جا 20 ڄڻا شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*