ڊزيز سرويلنس ٽيم پاران 25 اپريل کان 8 جون تائين ٿيل بلڊ اسڪريننگ جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڪئي وئي

رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ آئوٽ بريڪ ڪندڙ ٽيم رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هڪ مهيني دوران 7 سئو 61 ماڻهن جي ايڇ آءِ وي پازيٽو آئي، جن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.

صحت کاتي جي ڊزيز سرويلنس ٽيم پاران 25 اپريل کان 8 جون تائين ٿيل بلڊ اسڪريننگ جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 25 اپريل کان 8 جون تائين 2 هزار 6 سئو چار ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 7 سئو 61 ماڻهو پازيٽو آيا.

رپورٽ موجب بلڊ اسڪريننگ دوران 6 سئو 23 ٻارن ۽ هڪ سئو 38 وڏن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آهي.

رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻن کان پنجن سالن تائين جا ٻار ٿيا آهن، جن جو انگ 56 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 51 سيڪڙو ميل ۽ 49 سيڪڙو في ميل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*