قومي اقتصادي سروي اڄ شام جاري ڪئي ويندي

قومي اقتصادي سروي اڄ شام جاري ڪئي ويندي، ناڻو وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ اقتصادي سروي جاري ڪندو. دهشتگردي سبب ٿيل نقصان ۽ قرضن بابت تفصيل به سروي جو حصو هوندا.

قومي اقتصادي سروي اڄ شام جاري ڪئي ويندي، ناڻو وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ اقتصادي سروي جاري ڪندو.

ذريعن موجب، دهشتگردي جا نقصان، قرضن ۽ موڪليل رقم بابت تفصيل به اقتصادي سروي ۾ شامل آهن.

ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ پهرين وزيراعظم عمران خان کي قومي اقتصادي سروي جي ڪاپي پيش ڪندو، جنهن کانپوءِ ان کي باقاعده جاري ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب اقتصادي سروي جي انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال ۾ هر هڪ ماڻهو جي اُپت، سرمائيڪاري ۽ بچت سميت ڪو به هدف حاصل نه ٿي سگهيو آهي.

مهانگائي جو جن به سڄو سال بي قابو رهيو. جولاءِ کان اپريل وچ ۾ موڪليل رقم ۾ 8 ڏهائي 5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٻاهرين سرمائيڪاري ۾ 52 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. في ڪس آمدني 1652 ڊالر کان گهٽ ٿي 1516 ڊالر ٿي وئي آهي.

صنعتي ترقي شرح مخصوص ڪيل هدف 7.6 سيڪڙو بدران رڳو 1.4 سيڪڙو رهي. دوائون، ڪار سازي، آئرن، اسٽيل، ۽ کاڌي پيتي شين جي پيداوار ۾ 4 ڏهائي 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل جي وچ ۾ ايل اين جي جي درآمد ۾ 46 سيڪڙو ۽ خام تيل جي درآمد ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو.

قومي اقتصادي سروي موجب، ڊالر جي قدر ۾ اضافي سبب في آمدن ۾ 136 ڊالر گهٽتائي ٿي، آمدني 1652 ڊالر کان گهٽ ٿي 1516 تائين پهچي وئي آهي.

روپئي ۾ في ماڻهو جي آمدني هڪ لک 81 هزار کان 2 لک 6 هزار ٿي وئي، فڪس انويسٽمنٽ 15 ڏهائي 6 سيڪڙو جي هدف جي ابتڙ 13 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي، هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي 6 سيڪڙو هدف جي ابتڙ 7 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي.

سسروي موجب، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو تناسب 5 ڏهائي 7 کان 4 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، مارچ دوران صنعتي ترقي ۾ 10 ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*