عمران صاحب اوهان کي ته هاڻ ڪوڙ ڳالهائڻ جي مهارت حاصل آهي، مريم اورنگزيب

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب جو بيان عليمه باجي، جهانگير ترين ۽ پنهنجي دوستن لاءِ پيغام هو ته جيترا به غيرقانوني بي نامي اثاثا آهن، انهن کي حلال ڪيو وڃي، عمران صاحب چيو هو ته جيڪو به ن ليگ جي ايمنسٽي مان فائدو حاصل ڪندو، ان کي هو جيل ۾ وجهندو، ٻڌايو وڃي ته عليمه باجي هاڻ ڪهڙي جيل ۾ آهي؟

وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان رڳو هڪ سال اڳ  چيو هو ته مسلم ليگ ن جي ايمنسٽي کان جيڪو فائدو وٺندو، اوهان انهن کي جيل ۾ وجهندئو، ٻڌايو وڃي ته اڄڪلهه عليمه باجي ڪهڙي جيل ۾ آهي؟.

هن چيو ته عمران صاحب جو بيان عليمه باجي، جهانگير ترين ۽ پنهنجي دوستن لاءِ پيغام هو ته جيترا به غيرقانوني بي نامي اثاثا آهن، انهن کي حلال ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته عمران صاحب اوهان جا اثاثا، 1 ڏهائي 4 ارب ۽ ٽيڪس هڪ لک روپيا ڏنو ۽ عوام کي پنهنجي اثاثن موجب ٽيڪس ادا ڪرڻ جو درس ڏيو ٿا؟

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان پنهنجي سمورين گهروارين ۽ ڀيڻين جا اثاثا ظاهر ڪري؟

هن چيو ته عمران خان صاحب اوهان اهو نه ٻڌايو ته ٽيڪس ريونيو  ۾ 500 ارب جو خسارو آهي ڇاڪاڻ عوام سمجهي ٿو ته وزيراعظم ڪوڙو، نالائق، نااهل ۽ اوهان جي چوڻ موجب، چور آهي.

هن چيو ته عمران صاحب اوهان اهو به نه ٻڌايو ته قوم سان جيڪي اوهان واعدا ڪيا هئا، انهن جو جواب ڪير ڏيندو؟

هن چيو ته عمران صاحب اوهان ته اهو به نه ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو ٺاهيل بيجٽ پاڪستاني عوام جا کيسا خالي ڪندو ۽ آءِ ايم ايف جو خزانو ڀريندو.

نواز ليگ ترجمان چيو ته عمران صاحب اوهان کي جڏهن به عوام وٽ ڪوڙ جو رڪارڊ قائم ڪرڻو هوندو آهي ته اوهان رڪارڊ ڪرائي قوم کي بيان ڏيندا آهيو.

مريم اورنگزيب چيو ته، عمران صاحب اوهان کي ته هاڻ ڪوڙ ڳالهائڻ جي مهارت حاصل آهي، پارليامينٽ ۾ اچي سڌي ريت ڪوڙ ڳالهائيندا ڪيو.

عمران صاحب اوهان پارليامينٽ ۾ اچڻ کان انهيءَ ڪري ڊڄندا آهيو جو اوهان ووٽ چوري ڪيو آهي، عمران صاحب، اوهان کي مسلم ليگ جي  ايمنسٽي تي پنهنجي تقرير ته ياد هوندي؟

هن چيو ته عمران صاحب اوهان اهو نه ٻڌايو ته گذريل ڏهن سالن ۾ 30 هزار ارب ورتا پر هڪ سر به نه لڳائي؟

هن چيو ته عمران صاحب مسلم ليگ قرض ورتو، جيڪو هر ملڪ وٺندو آهي، عمران صاحب اوهان کي اهو به ٻڌائڻو هو ته مسلم ليگ قرض ورتو، ملڪ کي 11 هزار ميگاواٽ بجلي ڏني، 10 هزار ڪلو ميٽر جا موٽر ويز ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، دهشتگردي ختم ڪئي، صحت ۽ تعليم جا منصوبا شروع ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*