سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو متحده ميمبرن جو گوڙ

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران جڏهن اسپيڪر ڪجهه دير لاءِ ايوان جي ڪارروائي شهلا رضا حوالي ڪئي ته ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو ۽ امن امان جهڙي سنجيده موضوع کي سائيڊ تي اُڇلائي نان اشو تي متحده گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، گو شهلا گو جي نعرن سبب ايوان جي ڪارروائي ويهه منٽن تائين متاثر رهي.

گذريل اجلاس ۾ ايوان جي ڪارروائي جڏهن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ جاري هئي ته متحده ميمبرن سان بحثا بحثي ۾ ڊپٽي اسپيڪر کين چيو هو ته دماغ ڪي ڏهي نه بڻائين، جنهن تي متحده جي ميمبرن اڄ اُن وقت احتجاج ڪيو، جڏهن اسپيڪر ڪجهه دير لاءِ ڪارروائي ڊپٽي اسپيڪر حوالي ڪئي.

متحده ميمبرن پنهنجي بينچز تي بيهي شهلا رضا خلاف نعريبازي ڪئي ۽ گو شهلا گو جا نعرا هنيا.

ڊپٽي اسپيڪر کين خاموش ڪرڻ لاءِ وضاحتون ڏيندي ۽ کين چوندي رهي ته پاڻي پيئو، لسي پيئو، ويهي رهو پر متحده ميمبر خاموش نه ٿيا.

شهلا رضا متحده ميمبرن کي اهو به ٻڌايو ته ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حظف ٿي ويا آهن پر تنهن هوندي به متحده ميمبرن سندس هڪ نه مڃي.

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر وريام فقير کي امن امان جي معاملي تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني پر هو متحده جي گوڙ سبب ڳالهائي نه سگهيو، بعد ۾ جڏهن اسپيڪر آغا سراج دراني آيو ته متحده ميمبر فرمانبردار شاگرد وانگي خاموش ٿي ويا.

آغا سراج دراني جي صدارت واري مسند تي ويهڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جڏهن ايوان ۾ پنهنجي ميمبر واري سيٽ تي اچي ويٺي ته ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي.

ان موقعي تي وري به ڪيترائي منٽ متحده وارا ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاڻ ۾ ڳالهائيندي رهيا، جنهن کانپوءِ اسپيڪر جي دعوت تي رئوف صديقي ڳالهايو، تڏهن وڃي خاموشي ٿي ۽ وري سڄو ايوان سنجيده موضوع تي ٿيندڙ گفتگو کي ٻُڌڻ ۾ لڳي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*