وزيراعظم عمران خان هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال آهي،اميد هئي ته وزيراعظم تي وي تي اچي قوم کي ڪا خوشخبري ٻڌائيندو پر هو هميشه ڌمڪيون ئي ڏيندو رهي ٿو،  وزيراعظم سنڌ جا صحت وارا ادارا بند ۽ ڪراچي ڪي فور منصوبو ختم ڪري ڇڏيو آهي.

وڏو وزير مراد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويل ناليواري عالمِ دين علاما عباس ڪميلي جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته علاما عباس ڪميلي جون اسلامي ڀائيچاري لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد ڪيون وينديون.

وڏي وزير  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال آهي،اميد هئي ته وزيراعظم تي وي تي اچي قوم کي ڪا خوشخبري ٻڌائيندو پر عمران خان هميشه تي وي تي هڪ ٻن منٽن لاءِ اچي ڌمڪيون ڏئي هليو وڃي ٿو.

مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارا اتفاقي طور ڪراچي مان ڪامياب ٿيا هان ، اتفاقي طور ڪامياب ٿيندڙ ڪراچي لاءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن، ايم ڪيو ايم وارا ٻڌائين ته پي ٽي آءِ وارا عزيز آباد جي تڪ تان ڪيئن ڪامياب ٿيا.

  وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، عمران خان سنڌ جا صحت وارا ادارا بند ۽ ڪراچي ڪي فور منصوبو ختم ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*