اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بئنچ  ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر جهانزيب بروانا ۽ آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيا

جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته نيب دليل ڏنا آهن، ڪا شيءَ رهجي وئي آهي ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي

جسٽس عامر فاروق چيو ته هي ٽرائل ڪيس ناهي توهان آصف زرداري جي ضمانت تي دليل ڏيو، عدالتي وقت قيمتي آهي، توهان ضمانت تي دليل ڏيو

نيب جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ سمٽ بئنڪ جي چيئرمين جو نالو به آهي، 29 جعلي بئنڪ اڪائونٽ آهن، ايف آءِ آر ۾ شيون موجود آهن

نيب جي وڪيل چيو ته، جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت دستاويز موجود آهن، سمٽ بئنڪ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث آهي، ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ساڍا 4 ارب روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اي ون انٽرنيشن، عمير ايسوسئيٽس مان اربين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اڪائونٽس سان گڏ زرداري گروپ ۽ ڪمپنين جي ٽرازنيڪشن ٿي، اهي رڳو 29 مان هڪ اڪائونٽ جا تفصيل آهن، ٻين 28 اڪائونٽس جي جاچ جاري آهي

نيب پراسيڪيورٽر ضمانت ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ غير معمولي حالتون ۽ هارڊشپ جو سهارو وٺي سگهجي ٿو، پر آصف زرداري غير معمولي حالتن ۽ هارڊ شپ جو سهارونه ورتو، جنهن سبب درخواستون رد ڪيون وڃن.

نيب سيڪريٽري پاران دليل مڪمل ٿيڻ بعد آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته پارڪ لين ڪيس الڳ آهي، جڏهن ايندو ته جواب ڏينداسين

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته توهان جي آساني لاءِ نيب وڪيل هاڻي دليل ڏئي رهيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر طرفان پارڪ لين ڪيس جي ذڪر تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

جسٽس عامر فاروق چيو ته پارڪ لين کي ڇڏيو، اهو ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس سان ڪهڙو تعلق آهي، مون کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته توهان ڪيس کي ڪهڙي پاسي کڻي وڃي رهيا آهيو، ڪيس کي اڪلايو ايڏو ڊگهو ڇو ڪري رهيا آهيو.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پراسيڪيوشن چار ڏهائي چار بلين جي ڳالهه ڪئي آهي، پر زرداري گروپ ڏانهن رڳو ڏيڍ ڪرور روپيا منتقل ٿيا آهن، اڪائونٽ کولڻ  جي حد تائين آصف زرداري جوابدار ناهي

 عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*