اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ نيب جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ نيب جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪري ورتو

نيب جي 3 رڪني ٽيم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جي نفري سان گڏ زرداري هائوس پهتي ته جتي ڪارڪنن پاران نيب ٽيم کي زرداري هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ٽيم جي ٽيم پوليس سان گڏ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ داخل ٿي ته آصف زرداري جي وڪيلن اڳوڻي صدر جِي گرفتاري جا وارنٽ طلب ڪيا

زرداري هائوس ۾ ڪجهه دير لاءِ آصف زرداري جي وڪيلن ۽ نيب ٽيم وچ ۾ بحث ٿي جنهن کانپوءِ نيب ٽيم اڳوڻي صدر آصف زرداري کي بلٽ پروف گاڏي ۾ ويهاري سخت سڪيورٽي ۾ نيب راولپنڊي جي آفيس پهچايو.

گرفتاري جي موقعي تي اڳوڻو صدر آصف زرداري پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سان مليو، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد هو نيب جي گاڏي ۾ ويٺو

آصف زرداري کي نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ منتقل ڪرڻ دوران پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون پڻ ٿيون جنهن دوران پ پ جي ڪجهه ڪارڪنن کي ڌڪ پڻ لڳا

آصف زرداري جي گرفتاري دوران زرداري هائوس اسلام آباد جي چوڌراي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا

نيب پاران آصف زرداري جو پولي ڪلينڪ ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو  جنهن لاءِ 3 رڪني ميڊيڪل بورڊ به جوڙيو ويو آهي

نيب پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو رمانڊ وٺڻ لاءِ کيس سڀاڻي احتساب ۾ پيش ڪيو ويندو

ٻئي پاسي نيب پاران جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نامزد آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آصف زرداري جي گرفتاري دوران نيب ٽيم فريال ٽالپر جي گرفتاري جا وارنٽ نه کڻي آئي هئي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ وڄڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ قانوني ٽيم درخواست به تيار ڪري ورتي آهي

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*