پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري اڳ به جيل ڪاٽي چڪو آهي، هميشه جيان هاڻي به پنهنجي بي ڏوهي ثابت ڪنداسين

آصف زرداري جي گرفتاري کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالت جي تڪراري فيصلن کي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.

پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري اڳ به جيل ڪاٽي چڪو آهي، هميشه جيان هاڻي به پنهنجي بي ڏوهي ثابت ڪنداسين

هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٻيو ڀيرو منهنجي  آواز کي دٻايو ويو، اسپيڪر، منهنجي درخواست باوجود وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم اين ايز کي هر ڀيري نظر انداز ڪيو پيو وڃي، منهنجي آواز کي دٻايو پيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*