ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار آصف زرداري کي اڄ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار آصف زرداري کي اڄ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، نيب پاران آصف زرداري جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي

نيب راولپنڊي گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءَ ڪورٽ طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مستقل ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ تي کيس زرداري هائوس مان گرفتار ڪيو هو.

آصف علي زرداري کي اڄ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، نيب پاران جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي ويند.ي

هوڏانهن عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته، ڪارڪنن کي آبپاره چوڪ تي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پوليس جا 300 اهلڪار نيب راولپنڊي آفيس ۽ 5 سئو اهلڪار احتساب عدالت ٻاهران مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رينجرز اهلڪار به گشت ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*