آصف علي زرداري جـِي گرفتاري خلاف پيپلزپارٽي سنڌ پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جـِي گرفتاري خلاف پيپلزپارٽي سنڌ پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ٻي ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڪرپشن الزام هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف سڄي ملڪ ۾ جيالن پاران ٻي ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پيپلز لائيرز فورم پاران به احتجاج ڪيو پيو وڃي.

دادو ۾ آصف زرداري جي گرفتاري خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

رتوديرو ۾ آصف زرداري جي گرفتاري خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز اناج منڊي، شاهي بازار، ريشم گلي ۽ ڪريانه بازار ۽ ٻيا ننڍا توڙي وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا.

اسلام ڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.

ڪرمپور ۾ جيالن پوسٽ آفيس چوڪ کان يو بي ايل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

لعلورائنڪ ۾ پ پ ڪارڪنن پاران امير علي، عبدالله پيچوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

راڌڻ ۾ به آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جيالن احتجاج مظاهرو ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

شهدادپور، فيض گنج، مٺياڻي، چونڊڪو ۽ ٻين شهرن ۾ به جيالن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري آصف زرداري جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي مظاهرين چيو ته نيازي سرڪار سياسي انتقام وٺي رهي آهي، نيب کي مهرو بڻائي آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرايو ويو آهي.

 هنن چيو ته پ پ هڪ نظرياتي پارٽي آهي ان جي ڪارڪنن ۽ قيادت کي ڪنهن به صورت ۾ جهڪائي نه ٿو سگهجي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور آصف علي زرداري کي آزاد ڪري سمورا ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*