بلوچستان جي علائقي ۾ ٽرڪ ۽ مني بس جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ شخص دم ڏئي ڇڏيو

بلوچستان جي علائقي ۾ ٽرڪ ۽ مني بس جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ شخص دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي سرتاج بابا ويجهو ٽرڪ ۽ مني بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي آر ايڇ سي وندر منتقل ڪيو. جتي هڪ زخمي زخمن جي سٽ نه سهندي  دم ڏئي ڇڏيو

ريسڪيو ذريعن موجب، فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪراچي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿيلن جو تعلق ڪراچي سان آهي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*