والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪي ايم سي موجب، قابض انتظاميا انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي.

والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيوآهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، قابض انتظاميا شوپيان ضلعي ڪارروائي ڪئي  ته ڪشميري روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قابض فوج ۽ پوليس پرامن مظاهرين تي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڪشميري شهيد ٿيا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، قابض انتظاميا اونيرا ۾ ڪارروائي دوران انٽرنيٽ سروس بند ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*