قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نئين مالي سال 2019-20 جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نئين مالي سال 2019-20 جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي، ناڻي بابت وزيراعظم جو صلاحڪار حفيظ شيخ بجيٽ پيش ڪندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت اسپيڪر اسد قيصر ڪندو.اپوزيشن طرفان اڄ ٻيهر گوڙ جو امڪان آهي.

اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سال 20 – 2019ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو.

ٻئي طرف اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران آصف زرداري جا پراڊڪشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سميت اپوزيشن جماعتن پاران ڀرپور احتجاج ڪرڻ جون تياريون به ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*