دادو ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ساهرن تي تشدد جو الزام مڙهيندي تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي

دادو ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ساهرن تي تشدد جو الزام مڙهيندي تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي.

غريب آباد پاڙي ۾ نوجوان ناري ريحانه عمراڻي مڙس، سس ۽ سهري جي تشدد خلاف وومين ٿاڻي تي پهتي ۽ پار ڪڍي روئندي رهي.

ناري ريحانا، مڙس فيصل عمراڻي تي الزام مڙهيو ته  گهر جو خرچ گهرڻ تان مٿس تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ وار پٽي تذليل ڪئي وئي.

عورت الزام هنيو ته سندس ساهرن سون ۽ ٻيو سمورو ڏاج وڪڻي ڇڏيو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*