سليڪٽڊ وزيراعظم  کي ڪا خبر ناھي، سڀ ڪجهه گھرو وزير ڪري رھيو آھي، آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم  کي ڪا خبر ناھي، سڀ ڪجهه گھرو وزير ڪري رھيو آھي، مشرف اڻ چونڊيل ھو، جنهن ڪري جيل کان ڊڄي ٿو.

نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي طبي معائنو ڪرڻ بعد احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ڪيو.

احتساب عدالت ۾ پيشي تي انوکو انداز اپنايو، اڳوڻي صدر عدالتي ڪمري ۾ سگريٽ به دکايو، جڏهن ته آصف علي زرداري وڪيلن سان سيلفيون به ورتيون،

آصف علي زرداري کي ٽي ڀيرا فون آئي، جنهن دوران هن بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو سان ڳالهيون ڪيون.

اڳوڻي صدر چيو ته ڪالهوڪو ڏينهن برو هو، اڳوڻي صدر پهريون سگريٽ ختم ٿيڻ بعد ٻيو سگريٽ به دکايو.

آصفعلي زرداري سان وڏو وزير مراد علي شاهه به گڏ ويٺو هو.

ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم  کي ڪا خبر ناھي، سڀ ڪجهه گھرو وزير ڪري رھيو آھي.

هن چيو ته، مشرف اڻ چونڊيل ھو، جنهن ڪري جيل کان ڊڄي ٿو، اسان کي ووٽن لاءِ عوام وٽ وڃڻو آھي.

اڳوڻي صدر  چيو ته، منھنجي پارليامنيٽ مان آوٽ ٿيڻ سان ڪو فرق نه  پوندو، بلاول ڀٽو زرداري موجود آھي، بلاول نه  ھوندو ته  آصفا ھوندي.

آصف علي زرداري چيو ته، گرفتاري، دٻاءُ ۾ آڻڻ جي لاءِ آھي، مون اڳ ۾ به  چيو ھو ته  نيب چيرمين جي مجال ناھي جو گرفتارڪري، آئون عمران خان کي ڀڄندو پيو ڏسان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*