لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ  پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست رد ٿيڻ بعد نيب جي ٽيم کيس عدالت مان گرفتار ڪري ورتو، ليگي ڪارڪنن پاران حمزه شهباز جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شباز آمدني کان وڌيڪ اثاثن، رمضان شگر ملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ بعد واڌ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، حمزه شهباز عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ عدالت پهتو ته ڪارڪنن سندس گاڏي جو گيهراءُ ڪري ورتو ۽ سندس حق ۾ نعريبازي ڪئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل جهانزيب ڀروانا موقف اختيار ڪيو ته حمزه شهباز جا اثاثا آمدني موجب نه آهن، حمزه ۽ سندس فيملي مني لانڊرنگ ڪئي آهي.

عدالتي ڪارروائي دوران جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته معاملو ٽرائل ڪورٽ جو آهي، اوڏانهن وڃو.

جنهن تي حمزه شهباز چيو ته عدالت ٻڌڻ ئي نه ٿي چاهي ته ڇا ڪريون، ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، ثبوت آڻيو ته سياست ڇڏي ڏيندس.

عدالت نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ بعد حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ وڌيڪ واڌ جي استدعا رد ڪري ڇڏيو.

نيب جي هڪ ٽيم عدالت ۾ موجود هئي، جنهن حمزه شهباز کي ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حمزه شهباز شريف چيو ته مون ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي، مون نيب کي چيلينج ڪيو هو ته ڪرپشن جا ثبوت کڻي اچو آئون سياست ڇڏي ڏيندس،

حمزه شهباز شريف چيو ته فردوس عاشق اعواڻ هڪ ڏينهن اڳ ئي زرداري صاحب جي گرفتاري جو ٻڌائي ڇڏيندي آهي، منهنجي باري ۾ نيب چيئرمين چئي چڪو آهي ته حمزه کي گرفتار ڪرڻو آهي.

ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد پوليس جي وڏي نفري عدالت ٻاهران مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن دوران ڪارڪنن پاران نعريبازي به ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*